Documents Quran Text Translations

Taj Mehmood Amroti


Change Log

Minor fixes
Tue, 1 May 2012 00:00:01 -0400
-3738 +3738
۽ ھڪ نشاني اُنھن (جي جيارڻ) لاءِ مُئل زمين آھي، جنھن کي جياريوسون ۽ منجھانئس (اَن جا داڻا) ڪڍياسون جو اُن مان کائينداسون. کائين ٿا.
Major spacing and punctuation fixes
Fri, 4 Jun 2010 19:56:23 -0400
-7 +7
جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي، نه انھن جي (واٽ) جن تي ( تنھنجو) (تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نه گمراھن جي (واٽ).
-132 +132
۽ جڏھن بيت الله کي ماڻھن جي موٽڻ جو ماڳ ۽ امن جو ھنڌ مقرر ڪيوسون، ۽ (ھن امت کي حُڪم ڪيوسون) ته مقام ابراھيم کي (به) نماز پڙھڻ جي جاءِ ڪري وٺو، ۽ ابراھيم ۽ اسمٰعيل کي وصيّت ڪئي سون ته منھنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف وارن ۽ رڪوع ( ۽ ) (۽) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رکو.
-171,2 +171,2
آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ ( ۾)، (۾)، ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير ( ۾)، (۾)، ۽ ٻيڙيون جي اُنھيءَ (سامان) سان جو ماڻھن کي نفعو ڏيندو آھي درياءَ ۾ ترنديون آھن تن ( ۾)، (۾)، ۽ جيڪي آسمان کان (مينھن جو) پاڻي الله وسايو پوءِ اُن سان زمين کي ان جي وسامڻ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن ( ۾)، (۾)، ۽ اُن (زمين) ۾ سڀ جنس جا جانور پکيڙيائين تنھن ( ۾)، (۾)، ۽ ھوائن جي گھلڻ ( ۾)، (۾)، ۽ آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ نوايلن ڪڪرن ۾، سمجھ واريءَ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.
۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي الله کانسواءِ (ٻـين کي) الله جھڙو ڪري وٺندا آھن الله جي پيار وانگر پيارو رکندا اٿن، ۽ جن ايمان آندو سي الله جي دوستيءَ ۾ ڏاڍا زور آھن، ۽ جن ظلم ڪيو سي جيڪڏھن (ھن ڳالھ کي ھاڻي) سمجھن ته جنھن مھل (قيامت جي ڏينھن) عذاب ڏسندا ( ۽ سمجھندا) ته سموري سگھ الله کي آھي ۽ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي (ته جيڪر ڏاڍا پشيمان ٿين).
-180 +180
اوھان تي رڳو مُئل ۽ رَت ۽ سُوئر جو ماس ۽ جنھن شي تي الله کانسواءِ ٻئي جو نالو پڪارجي سا حرام ڪيائين، پوءِ جيڪو نڪي بي فرماني ڪندڙ ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي ( ۽ کائي) تنھن تي گناہ نه آھي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
-192 +192
رمضان جو مھينو اھڙو (ڀلو) آھي جنھن ۾ قرآن لاٿو ويو جو ماڻھن لاءِ سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي ۽ (اُن ۾) ھدايت ڪرڻ ۽ (سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾) سَنڌي وجھڻ جون چٽيون ڳالھيون آھن،پوءِ آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو اُنھيءَ مھيني ۾ (گھر ۾) حاضر ھجي تنھن کي اُن ۾ روزو رکڻ گهرجي، ۽ جيڪو بيمار ھُجي يا سفر تي (ھُجي) تنھن کي ٻـين ڏينھن مان (اوترو) ڳاڻاٽو (لازم) آھي. الله اوھان تي آساني ڪرڻ گھرندو آھي ۽ اوھان تي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه گھرندو آھي، ۽ (گھرندو آھي) ته اوھين ڳَڻ پوري ڪريو ۽ جيڪا اوھان کي ھدايت ڪيائين تنھن تي الله کي وڏائيندا رھو ۽ مانَ اوھين شُڪرانو ڪريو.
-221 +221
(اي مسلمانؤ اوھين) ھن ھوندي به بھشت ۾ گھڙڻ جو گمان ڪندا آھيو ڇا؟جو ڇا؟ جو اڃان اوھان کي اُنھن جي حالت نه آئي آھي جيڪي اوھان کان اڳ گذريا، جن کي سڃائي ۽ ڏُک پُھتو ۽ ايستائين لوڌيا ويا جيستائين پيغمبر ۽ جي مؤمن ساڻس هُئا (تن دُعا گُھري) چيو ٿي ته الله جي مدد ڪڏھن پھچندي؟ (چيو وين ته) ھوشيار رھو ته الله جي مدد ويجھي آھي.
-247 +247
۽ اوھان مان جيڪي مرن ۽ زالون ڇڏين، تن کي ھڪ ورھيه تائين پنھنجين زالن لاءِ (کين) فائدي ڏيڻ ( ۽ ) (۽) نه لوڌڻ جي وصيّت ڪرڻ لازم آھي، پوءِ جيڪڏھن (اُھي) نڪرن ته جيڪي پنھنجي حق ۾ (شريعت جي) دستور مُوجب ڪن تنھن ۾ اوھان تي گُناھ نه آھي، ۽ الله غالب حِڪمت وارو آھي.
-256 +256
پوءِ جڏھن طالُوت لشڪر سوڌو نڪتو (تڏھن لشڪر کي) چيائين ته الله نديءَ جي پاڻيءَ سان توھان کي پرکيندڙ آھي، پوءِ جيڪو منجھانئس پيئندو سو منھنجو نه آھي، ۽ جيڪو منجھانئس نه چکندو سواءِ ھِن جي جو پنھنجي ھٿ سان لَپ ڀري (پيئي) سو بيشڪ مُنھنجو آھي. پوءِ منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (سڀني) اُن مان پيتو، پوءِ جنھن مھل اُھو (طالوت) ۽ سندس سنگتي مُؤمن اُن (نديءَ) کان لنگھيا (تنھن مھل پيئندڙن) چيو ته اَڄ اسان کي جالوت ۽ سندس لشڪر سان (وڙھڻ جي) سگھ نه آھي، ( ۽ تنھن مھل) جيڪي پڪو ڀروسو رکندا هُئا ته اُھي الله کي ملندا تن چيو ته ڪيتريون ٿوريون ٽوليون گھڻن ٽولين تي الله جي حُڪم سان غالب ٿي ويون آھن، ۽ الله صابرن ساڻ آھي.
-274 +274
اي مؤمنؤ جيڪي ڪمايوَ تنھن مان ( ۽ پڻ) جيڪي اوھان لاءِ زمين مان پيدا ڪيوسين تنھن مان ڪي سٺيون شيون (خدا ڪارڻ) خرچ ڪيو، ۽ ان مان خراب شيء خرچ ڪرڻ جي نيت ھن ھوندي نه ڪريو جو (پاڻ) اُن ۾ پنھنجين اکين ٻوٽڻ کانسواءِ کيس وٺڻ وارا نه ھجو، ۽ ڄاڻو ته الله بي پرواہ ساراھيل آھي.
-414 +414
(اي پيغمبر ياد ڪر)جنھن ڪر) جنھن مھل (تون) پنھنجي گھر مان سويرو نڪتين جو مؤمنن کي جنگ لاءِ مورچن تي وھاريئي ٿي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
-504,2 +504,2
الله اوھان جي اولاد بابت اوھان کي وصيت ٿو ڪري، ته پُٽ لاءِ (حصّو) ٻن ڌيئرن جي ڀاڱي جيترو آھي، ۽ جيڪڏھن (فقط) ڌيئرون ٻن کان وڌيڪ ھجن ته (مُئَل) جيڪي ڇڏيو تنھن جون ٻه ٽھايون اُنھن لاءِ آھن، ۽ جيڪڏھن (فقط) ھڪ آھي ته اُن لاءِ اڌ آھي، ۽ مئل جيڪي ڇڏيو تنھن مان اُن جي ماءُ پيءُ ھر ھڪ لاءِ ڇھون ڀاڱو آھي (سو تڏھن) جڏھن اُن (مئل) کي اولاد ھجي، ۽ جيڪڏھن اُن کي اولاد نه ھُجي ۽ اُن جا وارث ماءُ پيءُ ھجن ته ماڻس لاءِ ٽيون ڀاڱو ( ۽ باقي پڻس لاءِ) آھي، ۽ جيڪڏھن اُن (مئل) کي ڀائر ھجن ته ماڻس لاءِ ڇھون حصّو آھي (اِھو ورھاڱو) وصيّت (جي ادائيءَ کان پوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيّت ڪيائين يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ (ڪرڻو) آھي، اوھان جا پيئر ۽ اوھان جا پُٽ، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ته اُنھن مان ڪھڙو اوھان لاءِ فائدي جي ڪري وڌيڪ ويجھو آھي، (اِھو ورھاڱو) الله جي (پارکان) فرض ڪيل آھي، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
۽ جيڪي (مال) اوھان جي زالن ڇڏيو تنھن جو اَڌ اوھان لاءِ آھي جيڪڏھن انھن کي ڪو وياءُ ڪونه ھجي، پر جيڪڏھن اُنھن کي ڪو وياءُ ھجي ته جيڪي ڇڏيائون تنھن مان چوٿون ڀاڱو وصيت (جي ادائيءَ کانپوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪيائون يا قرض جي ادائيءَ کان پوءِ اوھان لاءِ آھي، ۽ جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان جيڪڏھن اوھان کي ڪو وياءُ ڪونھي ته اُنھن (زالن) لاءِ چوٿون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي وياءُ آھي ته جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان وصيت (جي ادائيءَ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪئي اَٿَوَ يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ اُنھن (زالن) لاءِ اٺون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو (مئل) مڙس يا زال ورثو ڇڏي ( ۽ اُھو) ڪلاله ھجي (يعني جنھنکي ماءُ پيءُ ۽ وياءُ نه ھجي) ۽ اُن کي (مائيتو) ھڪ ڀاءُ يا ھڪ ڀيڻ ھجي ته اُنھن منجھان ھر ھڪ لاءِ ڇھون حصو آھي، ۽ جيڪڏھن اِنھن کان وڌيڪ ھجي ته اُھي (سڀ) جا وصيت نقصان واري نه ڪئي ويئي ھجي تنھن يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ ٽھائيءَ ۾ ڀائيوار آھن، اُھو الله جو حُڪم آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي.
-511 +511
۽ اُنھن جي توبه قبول ٿيڻي نه آھي جيڪي بڇڙايون ڪندا (رھندا) آھن ( ۽ نه ڊڄندا آھن) تان جو جنھن مھل اُنھن مان ڪنھن کي موت پھچي تنھن مھل (ڊڄي) چوي ته ھاڻي آءٌ توبه ڪريان ٿو ۽ نڪي اُنھن جي (توبه قبول آھي) جيڪي ڪافر ٿي مرندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.
-516 +516
(اي مسلمانؤ) اوھان تي اوھان جون مائر ۽ اوھانجون ڌيئر ۽ اوھانجون ڀينر ۽ اوھانجون پڦيون ۽ اوھانجون ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻيجيون ۽ اُھي اوھان جون مائر جن اوھان کي ٿڃ پياري ۽ اوھان جون رضائي (ٿڃ گڏ پيتل) ڀينر ۽ اوھان جي زالن جون مائر (يعني سَسون) ۽ اُھي اوھانجون اڳ ڄايون جيڪي اوھانجي ھنجن ۾ پليون ( ۽ ) (۽) اوھان جي اُنھن زالن مان ھجن جن کي اوھين ويجھا ويا آھيو پر جيڪڏھن اوھين اُنھن (سندن مائرن) کي ويجھا نه ويا آھيو ته اوھان تي گناہ نه آھي (اِھي سڀ) حرام ڪيون ويون آھن، ۽ اوھان جي اُنھن پُٽن جون زالون جيڪي (پٽ) اوھانجي پٺين مان (پيدا ٿيل) آھن ۽ ٻن ڀينرن جو گڏ پرڻڻ (حرام ڪيو ويو آھي) پر جيڪي اڳ گذريو آھي (سو گذريو) ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
-530 +530
( ۽ نڪي اُنھن کي) جيڪي (پاڻ) ڪنجوسي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي به ڪنجوسي ڪرڻ جو حُڪم ڪندا آھن ۽ الله پنھنجي فضل سان کين جيڪي ڏنو آھي سو لڪائيندا آھن، ۽ اھڙن نه مڃيندڙن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿئون.
-585 +585
۽ مؤمنن جو مارڻ ڪنھن مؤمن کي ڀُل چُڪ کانسواءِ (ڪنھن حال ۾) نه جڳائي، ۽ جيڪو مؤمن ڀُل چُڪ سان ماري ته (ھڪ ته) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪري ۽ (ٻيو ته) چَٽي سندس وارثن کي پھچائي پر جي بخشين (ته انھن کي اختيار آھي)، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي ويرين جي قوم مان آھي ۽ اُھو مؤمن ھجي ته (ڇڙو) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪرڻ لازم آھي ( ۽ چٽي معاف آھي)، ۽ جيڪڏھن انھيءَ قوم مان آھي جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ پڪو انجام ٿيل آھي ته چٽي سندس وارثن کي پھچائجي ۽ مؤمن ٻانھي کي آجو ڪرڻ لازم آھي، ۽ جيڪو نه لھي ته ٻه مھينا لڳو لڳ روزا رکي، (اھو ڪُفّارو) الله (جي پار) کان توبه جي (قبول ٿيڻ) ٿيڻ لاءِ آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
-616 +616
( ۽ ) (۽) نڪي اوھان جي سَڌن تي نڪي ڪتاب وارن جي سَڌن تي (ڇوٽڪارو) آھي، جيڪو ڪا مدائي ڪندو تنھن کي ان جي سزا ڏبي ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار لھندو.
-641 +641